پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ واپار ۽ سرمائيڪاري کي ٻيهر فعال ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف سان ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند جي ملاقات ٿي جنهن ۾ واپار،  سرمائيڪاري کي  ٻيهر فعال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

پاڪستان جي تاريخي دوري تي آيل ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند وزيراعظم هائوس ۾ شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. انهي موقعي تي وزيراعظم ڪينيڊا کان ڪينولا جي درآمدي پروٽوڪول تي صحيحن جي تقريب جو به مشاهدو ڪيو.

ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان به ملاقات ٿي. گڏيل پڌرائي موجب ٻنهي ملڪن واپار، سرمائيڪاري، عوامي رابطن ۽ اعليٰ سطح جي تبادلن کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ارادن جو اظهار ڪيو.

ڪينيڊا خطي ۾ پاڪستان جي ٽياڪڙي وارين ڪوششن ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تائين پهچڻ ۾ ڪردار جي تعريف ڪندي جنگبندي ۽ مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد جي حمايت ڪئي. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو ته ٻنهي ملڪن فارن انويسٽمنٽ پروٽيڪشن اينڊ پروموشن معاهدي تي ڳالهيون جلد مڪمل ڪرڻ ۽ پاڪ، ڪينيڊا گڏيل ورڪنگ گروپ واپار، سرمائيڪاري کي ٻيهر فعال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

گڏيل پڌرائي ۾ صاف توانائي، زراعت، بنيادي ڍانچي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ ماحوليات جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جو به اعلان ڪيو ويو. ڪينيڊا پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي وارين ڪوششن لاءِ گڏيل قومن، انٽرپول ۽ ٻين ادارن ذريعي تعاون جاري رکڻ، جڏهن ته تعليم، صحت ۽ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ وارن منصوبن جي لاءِ ترقياتي مدد فراهم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو جڏهن ته ٻنهي ملڪن افغانستان جي صورتحال، دهشتگردي، علاقائي امن، سلامتي ۽ گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي تعاون جاري رکڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.

انهي کان علاوه ڪينيڊين پرڏيهي وزير جي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ۾ غيرقانوني اميگريشن، انساني اسمگلنگ ۽ سائبر ڪرائمز جي روڪٿام لاءِ گڏيل تعاون تي ڳالهيون ٿيون جڏهن ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان انيتا آنند جي ملاقات ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير عالمي امن ۽ علاقائي استحڪام بابت پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو.

 

تبصرے بند ہیں۔