تارڙ جي گاڏي ڀرسان فائرنگ، جوابدار گرفتار

لاهور: : وفاقي وزير اطلاعات، نشريات عطاالله تارڙ جي گاڏي ڀرسان هوائي فائرنگ جو واقعو پيش آيو، لاهور پوليس فوري طور تي ڪارروائي ڪندي جوابدار اسامه کي هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو.واقعو لاهور جي علائقي ڊفينس اي ۾ گذريل رات دير سان پيش آيو، لاهور پوليس فوري ڪارروائي ڪندي جوابدار اسامه کي هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته انهي جي استعمال هيٺ گاڏي کي به تحويل ۾ ورتو ويو آهي.پوليس موجب جوابدار جي خلاف ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي جاري آهي. جوابدار جي گرفتاري لاءِ سيف سٽي ڪيمرائن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد ورتي وئي.وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ انهي حوالي سان ٻڌايو ته هو پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ وڃي رهيو هو ته هڪ گاڏي مون کي اوور ٽيڪ ڪيو ۽ ڪار کان ٻاهر پستول ڪڍي هوائي فائرنگ ڪئي، عطاءُالله تارڙ موجب منهنجي اسٽاف گاڏي جو پيڇو ڪيو، انهي جو نمبر نوٽ ڪيو ۽ فوري طور تي پوليس کي اطلاع ڏني.عطاءُالله تارڙ واضح ڪيو ته مون کي نشانو ناهي بنايو ويو ۽ نه نوجوان کي اها خبر هئي ته انهي گاڏي ۾ وفاقي وزير موجود آهي، هن چيو ته مان انهي واقعي ۾ محفوظ رهيس ، جڏهن ته لاهور پوليس وقت تي ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.لاهور پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب واقعو ٽارگٽڊ حملو نه آهي پر هوائي فائرنگ جو معاملو لڳي رهيو آهي، واقعي جي وڌڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

تبصرے بند ہیں۔