آءِ فون ٽريفڪ حادثي کان پوءِ هڪ عورت جي زندگي بچائي ورتي

.ايپل ڪمپني جي آئي فون جو اهو حيران ڪندڙ فيچر، جيڪو توهان جي زندگي بچائي سگهي ٿو

آئي فون جي خاصيتن کان گهڻا ماڻهو واقف آهن. هي بهترين ڪالون ۽ ميسيجز موڪلڻ سان گڏوگڏ اعليٰ درجي جي سيڪيورٽي به فراهم ڪري ٿو.

پر ڇا توهان کي خبر آهي ته هن موبائل فون ۾ اهڙو فيچر به موجود آهي، جيڪو توهان جي زندگي بچائي سگهي ٿو؟

ها، بلڪل ائين ئي هڪ عورت سان ٿيو، جيڪا پنهنجي ڪار سميت ڪيترائي فوٽ هيٺ کاهيءَ ۾ ڪري پئي، ۽ آخرڪار سندس آئي فون جي مدد سان کيس بچايو ويو.

ميڊيا رپورٽن موجب، ڊينبي شائر سان تعلق رکندڙ نتاليا سڊورسڪا نالي عورت هڪ جبلائي علائقي ۾ گاڏي هلائي رهي هئي. گاڏي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿيڻ بعد لڳ ڀڳ 330 فوٽ اونهي کاهيءَ ۾ وڃي ڪري. جڏهن عورت کي هوش آيو ته هن ڏٺو ته گاڏي ۾ باهه لڳي چڪي هئي. هن همت ڪري گاڏي مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

رپورٽن موجب، آئي فون صورتحال کي سڃاڻي پنهنجو Crash Detection فيچر پاڻمرادو فعال ڪري ڇڏيو ۽ ايمرجنسي نمبرن تي عورت جي لوڪيشن سميت اطلاع موڪلي. جنهن کان پوءِ رڳو 20 منٽن اندر ايمرجنسي سروسز جو عملو عورت کي بچائڻ لاءِ پهچي ويو.

ان حوالي سان عورت ٻڌايو ته هوءَ هن فيچر بابت ڄاڻ نه رکندي هئي. سندس چوڻ هو ته، "مون کي نه لڳو هو ته مون تائين مدد پهچي سگهندي، پر آئي فون اهو ممڪن بڻائي ڏيکاريو.”

واضح رهي ته ايپل ڪمپني پنهنجي فونن ۾ Crash Detection فيچر 2022ع ۾ متعارف ڪرايو هو.

هن فيچر کي پنهنجي فون ۾ آن ڪرڻ تمام آسان آهي. ان لاءِ سڀ کان پهرين اهو يقيني بڻايو ته SOS فيچر کي توهان جي لوڪيشن تائين رسائي حاصل هجي، جيئن هنگامي صورتحال ۾ فوري اطلاع موڪلي سگهجي.

ان کان پوءِ Settings > Privacy & Security > Location Services > System Services تي وڃو ۽ Emergency Calls & SOS کي آن ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح هي فيچر فعال ٿي ويندو.

تبصرے بند ہیں۔