آءِ ايم ايف جون سخت شرطون: 1000 ارب جي ترقياتي بجيٽ مان صرف 528 ارب خرچ ٿي سگهيا

اسلام آباد:آءِ ايم ايف پروگرام جي سخت پابندين ملڪي ترقياتي بجيٽ کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي جنهن سبب مقرر ڪيل وڏي رقم جو وڏو حصو غير استعمال ٿيل رهجي ويو آهي.

نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال جي صدارت هيٺ اينوئل پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪيل دستاويزات مان انڪشاف ٿيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊوالپمينٽ پروگرام(پي ايس ڊي پي) جي لاءِ مقرر هڪ هزار ارب روپين مان هينئر تائين صرف 528 ارب روپيه ئي خرچ ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته رهيل منصوبن جي لاڳت 10 ٽريلين تائين پهچي چڪي آهي.

اجلاس کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۾ ترقياتي ڪمن جي لاءِ وسيلن جو تناسب مسلسل گهٽ ٿي رهيو آهي. سرمائيڪاري جو حجم جي ڊي پي جي 2.6 سيڪڙو کان گذري صرف 0.6 سيڪڙو تائين محدود ٿي ويو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته 5 هزار ارب روپين جا منصوبا پي سي ون جي مرحلي ۾ آهن. جڏهن ته گڏيل منصوبن جي تڪميل لاءِ 10 هزار ارب روپيه گهربل آهن. وفاقي وزير وضاحت ڪئي ته مالي سال 2018  کان پوءِ ترقياتي بجيٽ جي لاءِ وسيلن ۾ گهٽتائي جو رجحان جاري آهي پر صوبن جي ترقياتي بجيٽ ۾ اضافو ٿيو آهي.

هن ٻڌايو ته ايندڙ مالي سال جي لاءِ وزارتن 3 هزار ارب روپيه جو مطالبو ڪيو هو پر وفاقي ترقياتي پروگرام لاڳيتو 2018 جي سطح تي يعني هڪ هزار ارب روپيه تي ئي بيٺل آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔