سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، فتنته الخوارج جي سهولتڪاري ۾ ملوث مفتي ظفرياب گرفتار

اسلام آباد:  سيڪيورٽي فورسز فتنته الخوارج جي سهولتڪاري ۾ ملوث خود ساخته مفتي ظفر ياب کي گرفتار ڪري ورتو.

گرفتار خارجي سهولتڪار مفتي ظفرياب ٻڌايو ته هن درس نظامي 8 ساله جامع نظام العلوم شعبه يتيم خانه بنون شهر مان حاصل ڪيو پوءِ 3 ساله تخصص في الفقه المرڪز اسلامي غوري واله مان حاصل ڪيو.

سيڪيورٽي ذريعن موجب جاچ دوران خارجي سهولتڪار مفتي ظفرياب انڪشاف ڪيو ته انهي جا خارجي ڪمانڊر حڪمت روشان سان رابطا هئا، رياستي ادارن کي منهنجن رابطن جي خبر هئي جنهن کان پوءِ انهن مون کي گرفتار ڪيو.

گرفتار سهولتڪار ٻڌايو ته خارجي ڪمانڊر حڪمت روشان جهاد جي نالي تي ڀته خوري بابت مون کان غير شرعي فتويٰ حاصل ڪندو هو. خارجي ڪمانڊر حڪمت روشان مون سميت مختلف ماڻهن کي عهدن ۽ مالي فائدن جي آڇ به ڪندو هو.

گرفتار خارجي سهولتڪار چيو ته  مان پنهنجي ڪيل ڪڌن ڪمن تي شرمنده آهيان، فتنته الخوارج جو اسلام سان ڪوبه تعلق نه آهي، اهو غير اسلامي ۽ غير شرعي عمل آهي، هي ماڻهو غير اسلامي نظريات رکن ٿا ۽ مسلمانن جي قتل کي جائز قرار ڏيندا آهن.

تبصرے بند ہیں۔