واشنگٽن:پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اقتصادي تعاون وڌائڻ تي اتفاق، سرمائيڪاري ۽ برآمدات تي زور

واشنگٽن:  وفاقي ناڻي ۽ روينيو واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پنهنجي آمريڪي هم منصب اسڪاٽ بيسنٽ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن، سيڙپڪاري ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ بابت خيال ونڊيا ويا.
ملاقات دوران ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آمريڪي ناڻي واري وزير کي پاڪستان جي معيشت ۾ ميڪرو اقتصادي استحڪام، پائيدار اقتصادي ترقي ۽ برآمدات تي ٻڌل واڌ ويجهه بابت حڪومت جي ويزن کان آگاهه ڪيو. هن علائقائي صورتحال سبب پاڪستان جي معيشت تي پوندڙ ناڪاري اثرن کي به اجاگر ڪيو.
محمد اورنگزيب عالمي سرمائيڪار مارڪيٽن تائين بهتر رسائي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ۽ پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري لاءِ مارڪيٽ تائين رسائي جي حوالي سان آمريڪي سهڪار جي ضرورت تي زور ڏنو.
ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، آمريڪي سيڙپڪاري ۾ واڌ ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ منصوبن تي اڳڀرائي کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

تبصرے بند ہیں۔