پاڪستان ۽ روس وچ ۾ واپار سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد:  پاڪستان ۽ روس وچ ۾ واپار سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار منيلا ۾ روسي هم منصب سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ واپار سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار منيلا ۾ روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن  پاڪستان ۽ روس جي ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو.

ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس واپار، توانائي، رابطه ڪاري ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن تعاون ۽ گڏيل رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته ملاقات جي دوران پاڪ روس ڀائيواري کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته اسحاق ڊار ۽ سرگئي لاوروف جي وچ ۾ علاقائي ۽ عالمي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ترجمان موجب ٻنهي ملڪن مستقبل ۾ به گڏيل رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.

تبصرے بند ہیں۔