لنڊن: آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري فوجي ڇڪتاڻ سبب عالمي منڊي ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي، جتي برينٽ ٻارڻ واري تيل جي قيمت 92 ڊالر في بيرل کان به وڌي وئي آهي.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري رائٽرز موجب اربع جي ڏينهن برينٽ ڪروڊ فيوچرز جي قيمت ۾ هڪ ڊالر يا 1.1 سيڪڙو اضافو ٿيو جنهن کان پوءِ اهو اضافو 92.01 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو.
اهڙي طرح آمريڪي ٻارڻ وارو تيل ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جي قيمت ۾ 82 سينٽ يا تقريبن هڪ سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جنهن کان پوءِ اهو 85.16 ڊالر في بيرل تي ٽريڊ ڪندو رهيو.
رپورٽ موجب هڪ ڏينهن اڳ به عالمي منڊي ۾ ٻارڻ واري تيل جون قيمتون گذريل پنج هفتن جي بلند ترين سطح تي بند ٿيون هيون. اڱاري تي برينٽ ٻارڻ واري تيل 91.01 ڊالر في بيرل جڏهن ته ڊبليو ٽي آئي 84.91 ڊالر في بيرل تي بند ٿيو هو.
ماهرين موجب قيمتن ۾ تازي اضافي جو بنيادي سبب آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ فوجي ڪارروايون آهن. آمريڪي فوج طرفان ڏکڻ ۽ مغربي ايران ۾ حملن ۽ انهي جي جواب ۾ ايران طرفان بحرين، ڪويت ۽ اردن ۾ آمريڪي ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ جي دعوائن عالمي توانائي منڊي ۾ بي يقيني واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي.
تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ برقرار رهڻ ۽ آبنائي هرمز جي ذريعي تيل جي ورهاست متاثر ٿيڻ جي خدشن سبب عالمي منڊي ۾ ٻارڻ واري تيل جي قيمتن تي وڌيڪ دٻاءُ برقرار رهي سگهي ٿو. معاشي ماهرين موجب جيڪڏهن خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي نه آئي ته نه صرف تيل پر عالمي توانائي جي ٻين منڊين ۾ به قيمتن ۾ وڌيڪ هيٺ مٿانهين ڏسڻ لاءِ ملي سگهي ٿي.
تبصرے بند ہیں۔