ڪراچي: سنڌ ۾ سانوڻي جو سسٽم فعال ٿي ويو، جنهن سبب ڪيترن ئي ضلعن ۾ کنوڻ سان تيز برسات جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب عرب سمنڊ کان ايندڙ سانوڻي هوائون مسلسل ملڪ جي مختلف علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته مغربي هوائن جو هڪ سلسلو به ملڪ جي مٿانهين ۽ وچولن علائقن تي اثر انداز ٿي رهيو آهي. ماهرن موجب اهڙن موسمي نظام جي اثر هيٺ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ايندڙ ڏينهن جي دوران موسم جزوي کان مڪمل جهڙالو ۽ وچولو رهي سگهي ٿو. انهي دوران شهر ۾ صبح ۽ رات جي وقت هلڪي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته اڄ سامونڊي علائقن ۾ به موسم جزوي طور تي جهڙالو رهڻ جو امڪان آهي ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته اڄ گهوٽڪي، قمبر، شهدادڪوٽ ۽ دادو جي ضلعن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن، کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.
اهڙي طرح 23 جولاءِ کان 24 جولاءِ جي دوران گهوٽڪي، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، خيرپور، نوشهروفيروز، شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، مٽياري، حيدرآباد، بدين، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر جي ضلعن ۾ وقفي وقفي سان تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي وچولي کان تيز ۽ ڪجهه علائقن ۾ تيز برسات به پئجي سگهي ٿي.
موسميات کاتي موجب انهي دوران دادو، ڄامشورو، ٽنڊوالهيار، ٺٽو ۽ سجاول جي ضلعن ۾ به وقفي وقفي سان تيز هوائن کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته تيز هوائن ۽ آسماني کنوڻ سبب ڪمزور ملڪيتن کي نقصان پهچڻ جو امڪان آهي. اهڙي موسمي نظام سبب صوبي ۾ جاري گرم ۽ وچولي موسم جي شدٽ ۾ گهٽتائي جو پڻ امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔