واشنگٽن: آمريڪي ويب سائيٽ ايگزيوس دعويٰ ڪئي آهي ته قطر، پاڪستان، مصر ۽ ٻين علاقائي ٽياڪڙن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن کي 10 ڏينهن لاءِ جنگبندي جي تجويز پيش ڪئي آهي پر اڃان تائين ڪنهن به ڌر انهي تجويز کي قبول ناهي ڪيو.
رپورٽ موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هن وقت ايران سان جاري ڇڪتاڻ ۾ هڪ اهڙي مرحلي تي پهچي چڪو آهي جتي آمريڪي ۽ اسرائيلي اختيارين موجب انهي جي سامهون 2 وڏا رستا موجود آهن. پهريون رستو اهو آهي ته محدود مدي جي 10 ڏينهن لاءِ جنگبندي تي اتفاق ڪيو وڃي ته جيئن آبنائي هرمز ۾ بحري آمد رفت بحال ٿي سگهي ۽ سفارتي ڳالهين جي لاءِ ماحول سازگار بنائي سگهجي.
ٻيو رستو اهو ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪا اسرائيل سان گڏجي ايران جي خلاف هڪ وڏي فوجي ڪارروائي ڪري جيئن تهران تي وڌيڪ دٻاءُ وجهي انهي کي پنهنجون شرطون مڃرائڻ تي مجبور ڪري سگهجي. ايگزيوس موجب صدر ٽرمپ اڃان تائين ڪنهن هڪ آپريشن تي حتمي فيصلو ناهي ڪيو پر آمريڪي اختيارين جو خيال آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن انهي ڳالهه جو فيصلو ڪندا ته واشنگٽن ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪري ٿو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽياڪڙي جي ڪوششن کان آگاهه ٻن علاقائي ذريعن ٻڌايو ته قطر، پاڪستان، مصر ۽ ٻين ملڪن ٻنهي ڌرين جي سامهون 10 ڏينهن جي جنگبندي جي تجويز رکي آهي جنهن جو مقصد ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ڳالهين جي بحالي آهي. آمريڪي اختيارين موجب ٽرمپ انتظاميه انهي تجويز جوجائزو وٺي رهي آهي پر اڃان تائين نه آمريڪا ۽ نه ئي ايران انهي تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي ملڪ جنگبندي کان اڳ پنهنجي عسڪري پوزيشن مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
رپورٽ موجب مسلسل ڪيترن ئي ڏينهن جي فوجي ڪارروائين جي باوجود آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي آبنائي هرمز تي اثر رسوخ کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا، جنهن سبب جنگ وڌيڪ ڏکي ٿيندي پئي وڃي. هوڏانهن آمريڪا ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ ٻيهر اضافي سبب اندرون ملڪ به جنگ جي خلاف رد عمل وڌڻ لڳو آهي، جنهن سبب ٽرمپ انتظاميه تي سياسي دٻاءُ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو.
تبصرے بند ہیں۔