لاهور:پاڪستاني فٽبالر عبدالله اقبال يوئيفا چيمپئنز ليگ ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ ڊيبيو ڪري ورتو آهي.عبدالله اقبال يوئيفا چيمپئنز ليگ ۾ کيڏندڙ پاڪستان جي قومي ٽيم جو پهريون رانديگر بڻجي ويو آهي. عبدالله اقبال 62 هين منٽ ۾ سوئيڊش ڪلب ‘ميالبي’ جي طرفان ‘لنڪن ريڊ امپس’ جي خلاف ميدان ۾ آيو.واضح رهي ته پاڪستاني ڄائي اتزاز حسين پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ کان اڳ يوئيفا چيمپئنز ليگ ڪواليفائرز کيڏيا هئا.
تبصرے بند ہیں۔