ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي احتجاج تي پوليس تشدد، ڀارتي اداڪارن جو رد عمل سامهون اچي ويو

نئين دهلي:  ڀارت ۾ نوجوانن جي سياسي پارٽي ڪاڪروچ جنتا پارٽي(سي جي پي) جي احتجاج تي پوليس تشدد تي ڀارتي اداڪارن جو رد  عمل سامهون اچي ويو آهي.

بالي ووڊ ۽ سائوٿ فلم انڊسٽري جي مشهور سينئر اداڪار پرڪاش راج ٻين اداڪارن جي خاموشي بابت سوال تي چيو ته سڀني کي خبر پئجي وئي آهي ته ڪير ڇا آهي، اهڙيون تحريڪون ٻڌائينديون آهن ته ڪنهن ۾ ايمانداري آهي ۽ ڪير عوام سان گڏ بيٺل هوندو. پرڪاش راج چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن جي مضبوط آواز آهي، اهي وڏا اداڪار آهن، منهنجي خواهش هئي ته اهي پنهنجو آواز انهي مقصد جي لاءِ استعمال ڪن پر انهن ائين نه ڪيو، هاڻ عوام پاڻ فيصلو ڪندي، جڏهن تاريخ لکي ويندي ته ممڪن آهي ته ماڻهو غلطي ڪندڙن کي معاف ڪن، پر خاموش رهندڙن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندا.

بالي ووڊ جي اداڪاره پريٽي زنٽا سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ سي جي پي جي اڳواڻي ۾ جاري شاگردن جي احتجاج جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ سماجي ڪارڪن سونم وانگچڪ کان بک هڙتال ختم ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته اميد آهي ته حڪومت نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون شروع ڪندي. ايڪس تي اداڪاره لکيو ته سونم وانگچڪ مهرباني ڪري پنهنجي بک هڙتال ختم ڪري، اوهان جي صحت به اوتري ئي اهم آهي جيتري اها جدوجهد، تعليمي نظام کي بهتر ۽ مضبوط بنائڻ جي انهي جدوجهد ۾ هر شاگرد ۽ سونم جي لاءِ منهنجي دلي حمايت جاري رهندي.

مشهور اداڪاره سونم باجوه سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هي اسان جي ملڪ جي نوجوانن جا آواز آهن ڪوبه خطرو ناهي، هنن جون ڳالهيون ٻڌڻ جي بجاءِ  هنن جو استقبال لٺين سان ڇو پيو ڪيو وڃي؟ هي سياست جو معاملو ناهي، پر طاقت جي بجاءِ همدردي جي چونڊ ڪرڻ جو وقت آهي. انهن جي آواز ٻڌڻ گهرجي، تڪليف نه پهچائڻ گهرجي. انسٽاگرام پوسٽ جي ڪيپشن ۾ سونم باجوه لکيو ته ڪالهوڪا منظر ڏسي واقعي منهنجو دل ٽٽي ويو اها ڪنهن هڪ ڌر جو ساٿ ڏيڻ جي ڳالهه ناهي پر انسانيت جو ساٿ ڏيڻ جي ڳالهه آهي.

ٻئي طرف بالي ووڊ اداڪاره ۽ بي جي پي جي پارليامينٽ ميمبر ڪنگنا رناوت جيڪا احتجاج جي دوران پارليامينٽ ۾ موجود هئي چيو ته اسان گهٻرائجي ويا هئاسين، دروازا به بند ڪيا ويا هئا،  سمورا پارليامينٽ ميمبر اندر ئي رهجي ويا هئا، هجوم جهڙي طرح حملو ڪرڻ جي انداز ۾ اڳيان وڌي رهيو هو، اسان سڀ ڊڄي ويا هئاسين ته شايد اهي اسان تي حملو ڪندا پر مان دهلي پوليس جي تعريف ڪريان ٿي انهن اسان جي وچ ۾ ڍال بڻجي پاڻ پٿر کاڌا، ڌڪ برداشت ڪيا پر اسان کي ڪنهن به قسم جي نقصان کان محفوظ رکيو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي پوليس ۽ سول ڪپڙن ۾ موجود ماڻهن نئين دهلي ۾ ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي قيادت ۾ پنهنجي حقن لاءِ نئين دهلي جي علائقي جنتر منتر تي جمع هزارن جي تعداد ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين تي وحشياڻو تشدد ڪيو هو جنهن جون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.

ڪاڪروچ جنتا پارٽي ڀارتي  تعليم واري وزير جي استعيفيٰ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته جنتر منتر تي ڌرڻو جاري آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت ۾ لکين شاگرد سرڪاري نوڪريون، ميڊيڪل جي داخله ٽيسٽ جي پيپر ليڪ، تعليمي بدعنواني ۽ بيروزگاري جي خلاف روڊن تي آهن، نوجوانن جي تنظيم جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن پارليامينٽ ڏانهن  ويندڙ نوجوانن تي لاٺي چارج ڪيو ويو، انهن جا مٿا ڦاڙيا ويا، اسان کي اهڙي ظلم جي اميد نه هئي.

 

تبصرے بند ہیں۔