راولپنڊي: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا جي خلاف نوجوان جو مثبت ۽ معنيٰ جوڳو ڪردار ضروري آهي.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان هارورڊ بزنس اسڪول جي شاگردن ملاقات ڪئي جنهن دوران علاقائي ۽ عالمي صورتحال ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي منظر نامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
انهي موقعي تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن تي روشني وڌي ۽ نوجوانن جي لاءِ تعليم، هنرمندي، ڪاروباري صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل تجزيي کي ڪتب آڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو.
فيلڊ مارشل چيو ته نوجوان نسل کي حقيقتن تي ٻڌل سوچ اپنائڻ جي ضرورت آهي، سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا جي خلاف نوجوانن جو مثبت ۽ معنيٰ جوڳو ڪردار ضروري آهي. آئي ايس پي آر موجب هارورڊ بزنس اسڪول جي شاگردن پاڪستان جي دوري ۽ تجربن کي شاندار قرار ڏنو آهي.
تبصرے بند ہیں۔