پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق

لنڊن: پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار برطانوي پرڏيهي وزير سان لنڊن ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ برطانوي پرڏيهي وزير وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي جڏهن ته ملاقات ۾ سنڌ طاس معاهدي ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

اسحاق ڊار چيو ته ڀارت طرفان عالمي ذميوارين جون مسلسل ڀڃڪڙيون ڳڻتي جوڳيون آهن. اسحاق ڊار افغانستان کان پاڪستان کي پيش  ايندڙ دهشتگردي جي خطرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

ٻئي طرف نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي لنڊن ۾ برطانوي قومي سلامتي جي صلاحڪار جوناٿن پاول سان به ملاقات ٿي انهي موقعي تي اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ قبول ڪرڻ جوڳي حل لاءِ پاڪستان جون مسلسل سفارتي ڪوششون جاري آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔