رياض ۾ GIA Global Image Award جي شاندار تقريب

رياض: سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ جي آءِ اي گلوبل اميج ايوارڊ ، مڊل ايسٽ جي هڪ پروقار تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ پاڪستان، مصر، ايشيا، سعودي عرب، دبئي، قطر، بحرين، ڪينيڊا، لنڊن، آمريڪا ۽ وچ اوڀر سميت دنيا جي مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ نمايان شخصيتن ۽ مختلف شعبن سان وابسته ماڻهن شرڪت ڪئي.

تقريب جو مقصد مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن ۽ پروفيشنلز جي عالمي سطح تي همت افزائي ڪرڻ ۽ سندن خدمتن کي مڃتا ڏيڻ هو. ان موقعي تي سائبر سيڪيورٽي، ٽيڪنالاجي، صحت، تعليم، ڪاروبار ۽ ٻين شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ماڻهن کي ايوارڊن سان نوازيو ويو.

هن تقريب ۾ پاڪستاني، وچ اوڀر ۽ ايشيائي ڪميونٽي جي ڀرپور نمائندگي رهي. وچ اوڀر، پاڪستان ۽ ايشيا سان تعلق رکندڙ ڪيترين ئي شخصيتن کي سندن پيشورانه ۽ تخليقي خدمتن جي اعتراف ۾ ايوارڊ ڏنا ويا. اهڙيءَ طرح دبئي، سعودي عرب، قطر، ڪينيڊا، لنڊن ۽ ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ ممتاز پروفيشنلز ۽ ڪاروباري اڳواڻن کي به سندن غير معمولي خدمتن تي ايوارڊن سان نوازيو ويو.

جي آءِ اي گلوبل اميج ايوارڊ هڪ عالمي پليٽ فارم آهي، جيڪو مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ نمايان ۽ باصلاحيت شخصيتن کي نامزد ڪري، سندن خدمتن، ڪاميابين ۽ شاندار ڪارڪردگي کي عالمي سطح تي مڃتا ڏئي ٿو.

تقريب جي شرڪت ڪندڙن هن قدم کي ساراهيندي چيو ته اهڙا عالمي پليٽ فارم نه رڳو باصلاحيت ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪن ٿا، پر دنيا جي مختلف ملڪن جي مثبت تشخص، ڪاميابين ۽ صلاحيتن کي به عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

تبصرے بند ہیں۔