ممبئي : ڀارتي ليجنڊري پلي بيڪ سنگر شريا گھوشال انڪشاف ڪيو آهي ته هن ڪيريئر جي شروعاتي دور ۾ ڪيئي گيت بنا ڪنهن معاوضي جي ڳايا.ويجهڙ ۾ گلوڪارا مقامي ميڊيا کي انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ هن انڊسٽري ۾ موجود ڪاسٽنگ ڪائوچ(ڪم، ڪردار يا موقعو ڏيڻ جي بدلي ۾ جنسي لاڳاپا يا نامناسب ذاتي مطالبا) بابت تفصيلي ويچار ونڊيا ۽ اِهو مڃيو ته انڊسٽري ۾ ڪاسٽنگ ڪائوچ جو وجود آهي، پر هن ذاتي طور تي ڪڏهن به ان جو تجربو ناهي ڪيو. شريا گھوشال جو چوڻ هو ته هاڻي حالتون ڪجهه بهتر آهن، سوشل ميڊيا کان اڳ انڊسٽري ۾ عورتن ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو هو، مون ننڍي وهيءَ ۾ فني سفر شروع ڪيو هو، ان ڪري منهنجا والدين سدائين مون سان گڏ هوندا هئا ۽ اهو ئي ڪارڻ هو جو ڪنهن کي به مون سان غلط رويو اختيار ڪرڻ جي جرئت نه ٿي. شريا انڊسٽريءَ ۾ معاوضي ۾ برابري بابت موجود غلط فهمين تي به ڳالهائيندي چيو ته اهو ڪو صنفي مٿڀيد وارو معاملو ناهي، ڇوڪرن کي به ان صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. سندس چوڻ هو ته ڪيريئر جي شروعاتي دور ۾ هن ڪيترائي گانا بنا ڪنهن معاوضي جي ڳايا. گلوڪارا وڌيڪ چيو ته ان حوالي سان ڪيتريون ئي غلط فهميون موجود آهن، ماڻهو سمجهن ٿا ته ارجيت سنگهه کي تمام گهڻي رقم ملي ٿي، پر اها ڳالهه مڪمل طور تي درست ناهي. هن وڌيڪ چيو ته وقت انڊسٽري جا هڙئي سٺا ڳائڻا به گهڻو ڪم بنا معاوضي جي ڪندا آهن، پر جڏهن ڪو جائز مطالبو يا مناسب موقعو هجي ته اِهي وڏو معاوضو به وٺندا آهن.
تبصرے بند ہیں۔