هي ڇا ٿي ويو! لائيو اسٽريمنگ دوران بيوٽي فلٽر هٽي وڃڻ سبب عورت انفلوئنسر ڏيڍ لک فالوئرز تان هٿ ڌوئي ويٺي
بيجنگ : چيني انفلوئنسز جي چهري تان بيوٽي فلٽر هٽي وڃڻ سبب ان جي ڏيڍ لک فالوئرز کيس ان فالو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڄاڻايل عورت سوشل ميڊيا تي لائيو اسٽريمنگ ۾ مصروف هئي ته ان دوران سندس چهري تان بيوٽي فلٽر هٽي ويو، جنهن تي واهپيدار حيران ٿي ويا ۽ کيس ان فالو ڪرڻ لڳا.
سوشل ميڊيا تي 4 سيڪنڊن جي اها وڊيو ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ سڄي دنيا ۾ وائرل ٿي وئي.
تبصرے بند ہیں۔