1973ع جو آئين وفاق ۽ قومي اتحاد جي چمڪندڙ علامت آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف آئين جي ڏينهن جي موقعي تي پيغام ڏيندي چيو آهي ته 1973 جو آئين پاڪستان جي وفاق ۽ قومي اتحاد جي چمڪندڙ علامت آهي. پنهنجي پيغام ۾ شهباز شريف چيو ته اڄ اسان اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي منظوري جو ڏينهن قومي جذبي سان ملهائي رهيا آهيون، اسان آئين جي معمارن کي خاص خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.وزيراعظم چيو ته آئين عوام ۽ رياست جي وچ ۾ مقدس معاهدي جو نالو آهي، آئين عوام ۽ رياست جي قانوني، اخلاقي ۽ انتظامي حقن ۽ فرضن جو تعين ڪري ٿو.هن چيو ته 10 اپريل 1973 تي منظور ٿيل متفقه آئين پارلياماني جمهوري نظام حڪومت جي بنياد رکي، پاڪستان جو 1973 جو آئين سڀني شهرين جي بنيادي انساني حقن جو محافظ آهي ۽ هي آئين پاڪستان جي وفاق ۽ قومي اتحاد جي چمڪندڙ علامت آهي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته وفاق جا سڀئي رياستي يونٽ قومي اتحاد ۽ معاشي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سڀئي رياستي يونٽ روشن مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. اسان الله جي اڳيان پنهنجو سر جهڪائيون ٿا، جيڪو هن پاڪستان کي عطا ڪيو آهي. پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جو سفر جاري رکندو، دنيا جي قومن ۾ فخر سان پنهنجو سر بلند ڪندو.

تبصرے بند ہیں۔