آءِ جي اسلام آباد قاضي جميل کي عھدي تان ھٽايو ويو : احسن يونس نئون آءِ جي اسلام آباد مقرر

ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) آپريشنز لاهور احسن يونس کي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) پوليس اسلام آباد مقرر ڪيو ويو آهي.

انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) اسلام آباد پوليس قاضي جميل الرحمان کي عهدي تان هٽائي کيس اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

قاضي جميل جي جاءِ تي ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور احسن يونس کي آءِ جي اسلام آباد مقرر ڪيو ويو آهي ۽ سندس مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

قاضي جميل الرحمان کي هن سال 7 جنوري تي مقرر ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔