ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ نرسز تي پوليس ڪڙڪي پئي، چڪريون

ڪراچي: سنڌ ۾ ينگ نرسز ۽ ڊاڪٽرز مطالبن جي مڃتاء لاءِ سراپا احتجاج بڻيل، ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ نرسز تي پوليس ڪڙڪي پئي

نرسز کي وزير اعليٰ هائوس وڃڻ کان روڪڻ تي مظاهرين ۽ اهلڪارن ۾ چڪريون ٿيون، پوليس جي لٺبازي ۾ ڪجهه مظاهرين بيهوش ٿي ويا

اهلڪار ڪيترن ئي مظاهرين کي کنڀي ويا، پوليس جي تشدد دوران به نرسز طرفان پنهنجي مطالبن جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي. حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ ينگ نرسز توڙي ڊاڪٽرز جو مطالبن جي مڃتاء لاءِ احتجاج ڪيو ويو

سرڪاري اسپتالن ۾ او پي ڊيز جي بائيڪاٽ سبب علاج ۽ دوا لاءِ پهتل مريض رُلي ويا، ينگ نرسز ۽ ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته حڪومت پروموشن پاليسي تي سنجيدگي سان عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن

ڪانٽريٽ تي ڀرتي ٿيل ڊاڪٽرز ۽ نرسز کي پڪو نٿو ڪيو وڃي، هيلٿ الائونس به منظور ٿيڻ باوجود ناهي مليو، سروس اسٽرڪچر جي بحالي، هيلٿ پروفيشنل ۽ ڪورونا الائونس ملڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔