سياچن ۾ پاڪ فوج جو هيليڪاپٽر ڪري تباھ، 2 ميجر شهيد

اسلام آباد: سياچن ۾ پاڪ فوج جو هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻه ميجر شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب حادثي ۾ پاڪ فوج جي ايوي ايشن جا ٻئي پائليٽ شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب شهيدن ۾ ميجر عرفان برچا ۽ ميجر راجا ذيشان جهانزيب شامل آهن. پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب سياچن ۾ فوجي جوان حادثي واري هنڌ پهچي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔