ٽن کان چئن مهينن ۾ مهانگائي گهٽ ٿي ويندي: شوڪت ترين جو آسرو

پشاور: وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته مهانگائي جو سبب رڳو رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ناهي، ٽن کان چئن مهينن ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان مهانگائي گهٽ ٿي ويندي

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شوڪت ترين چوڌري سرور جي بيان تي چيو ته چوڌري سرور کي معاشيات جو ماهر نٿو چئي سگهجي. آءِ ايم ايف جو ٺپو لڳي وڃي ته ٻيون بينڪون به توهان کي قرض ڏينديون آهن

هن چيو ته مهانگائي جو سبب رڳو رپئي جي قيمت ۾ گهٽتائي ناهي، ٽن کان چئن مهينن ۾ پيٽرول جي اگهه ۾ گهٽتائي سان مهانگائي گهٽ ٿي ويندي. شوڪت ترين چيو ته عمران خان جڏهن حڪومت ۾ آيو ته هو سعودي عرب، چين، يو اي اي ۽ قطر ويو، عمران خان چيو هو ته ڪڏهن ڪنهن کان نه وٺندس پر قرض ڏيندڙن کي 20 ارب ڊالرز موٽائڻا هئا، قرض واپسي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽائڻ لاءِ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔