براؤزنگ تازہ ترین

تازہ ترین

طالبان افغانستان ۾ پرڏيهي ڪرنسي جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي

ڪراچي: طالبان افغانستان ۾ ملڪ ۾ پرڏيهي ڪرنسي جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي طالبان ترجمان چيو آهي ته افغان ڪرنسي کي ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ قومي مفاد لاءِ استعمال ڪيو وڃي ياد رهي ته افغان مارڪيٽن ۾ آمريڪي ڊالر وڏي پئماني تي استعمال…

سنڌ پوليس مان برطرف ٿيل 3400 اهلڪارن جو بحالي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس مان برطرف ٿيل 3400 اهلڪارن جو بحالي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، مظاهرين دانهيو آهي ته سنڌ جَي نوجوانن کي جبري طور برطرف ڪري پوليس ۾ 8هزار ڌاريا ڀرتي ڪيا ويا آهن، نوٽيس وٺي نوڪرين تي بحال ڪيو وڃي.

عورتون هراسمينٽ جا ڪوڙا الزام هڻنديون ته مون ۽ اي ڊي خواجا جهڙن مردن کي پٺتي هٽايو ويندو: فروغ نسيم

اسلام آباد: قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته عورتن کي جنسي هراسمينٽ، لڄالٽ ۽ ٻين ڏوهن کان تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قانون ٺاهيا اٿئون. ٽو فنگر ٽيسٽ تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي ۽ هاڻي هراسمينٽ جو نشانو بڻيل عورتن خلاف ڪردار ڪشي ڪندڙ…

جنگشاهي ويجهو غيرقانوني شڪار جي وڊيو ريڪارڊ ڪندڙ نوجوان قتل، ڇرڪائيندڙ وڊيوز سامهون اچي ويون

ڪراچي/ملير/سجاول: جنگشاهي ويجهو ڪارو جبل واري علائقي ۾ بااثر شڪارين پاران مبينا طور غيرقانوني شڪار ڪرڻ تان ملير واسي نوجوان ناظم جوکيو کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ مقتول نوجوان جون موت کان اڳ واريون ڇرڪائيندڙ وڊيوز به سامهون آيون آهن هڪ…

آزاد ڪشمير ويجھو مسافر ڪوچ کاهي ۾ ڪرڻ سبب 23 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪراچي: آزاد ڪشمير جَي علائقي پلندري ۾ مسافر ڪوچ کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 23 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا پوليس جو چوڻ آهي ته مسافر ڪوچ آزاد ڪشمير کان راولپنڊي ويندي حادثي جو شڪار ٿي وئي، بس ۾ 30 مسافر سوار ھئا

وزيراعظم عمران خان عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ هر حد تائين ويندو: فواد چوڌري

اسلام آباد: سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عوام جي تڪليفن جو تدارڪ عمران خان جي پهرين ترجيح آهي. وزيراعظم عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ هر حد تائين ويندو. وفاقي وزير فواد وڌري سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته

نيب آرڊيننس وسيلي حڪومت پنهنجي چورن کي اين آر او ڏنو آهي: احسن اقبال

ڪراچي: نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته نيب بابت جاري ڪيل آرڊيننس وسيلي حڪومت پنهنجي چورن کي اين آر او ڏنو آهي، اسين لعنت ٿا وجهون عمران خان جي اين آر او تي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته اڄ ملڪ انتھائي پريشاني مان گذري…

سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 2 مريض فوت، 263 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جي 14510 نمونن جي جاچ ڪئي وئي، جنهن دوران وڌيڪ 263 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا. اهڙي ريت فوتين جو مجموعي انگ 7571 ٿي ويو آهي. اڄ وڌيڪ 163 مريض صحتياب ٿيا، جنهن بعد صحتياب ماڻهن جو ڪل انگ…

سعد رضوي جي آزادي خلاف حڪومتي اپيل واپس وٺڻ جو فيصلو، وڌيڪ هڪ هزار ڪارڪن آزاد

اسلام آباد: حڪومت ۽ ٽي ايل پي ۾ معاهدي تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي، حڪومت ۽ بندش پيل تنظيم وچ ۾ معاهدي کانپوءِ پنجاب مان گرفتار 860 ڄڻن کي آزاد ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ وڌيڪ هڪ هزار ڪارڪنن کي پڻ آزاد ڪيو ويو آهي. پنجاب جي گهرو کاتي موجب سعد…