بدين ۾ 50 ميٽر ڊگھو اجرڪ وارو جھنڊو ڦڙڪائي ڌرتي سان محبت جو اظهار

بدين: بدين ۾ ايڪتا ڏھاڙو وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو پيو وڃي، ڌرتي محبت ڪندڙن ڏينهن جي شروعات 50 ميٽر ڊگھو اجرڪ وارو جھنڊو ڦڙڪائي گل نڇاور ڪري ماڻهن کي مٺائي کارائي سنڌ سان محبت جو اظهار ڪيو

نيشنل اسڪول اينڊ ڪاليج بدين جي پرنيسپال سيد طاھر شاھ پاران اسڪول عمارت مٿان 50 ميٽر ڊگھو ۽ خوبصورت چٽيل اجرڪ وارو جھنڊو ڦڙڪايو

ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيو ته سنڌي ثقافت ھزارين سال پراڻي آھي، ھتي شاھ ڀٽائي به آھي ته قلندر به آھي، سنڌ جا ماڻھو پيار ڪرڻ وارا آهن، پاسن وارن ڳوٺن ۽ شھرن کان ثقافتي ريليون پھچڻ وارو سلسلو جاري آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔