ايڪتا جو قومي ڏينھن: سنڌو سان ملاقات لاءِ سنڌ رستن تي اُٿلي پئي

ڪراچي: ايڪتا جي قومي ڏينھن تي سنڌوءَ سان ملاقات لاءِ سنڌ رستن تي اُٿلي پئي آھي، سنڌي ميڊيا جي سڏ تي سموري سنڌ ايڪتا جي لڙي ۾ پوئجي وئي، “سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو ” سري هيٺ ايڪتا عيد جي موقعي تي ننڍن وڏن شهر ۽ وستي واهڻ ۾ سنڌي ثقافت جا انڊلٺي رنگ جرڪي پيا

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، دادو، خيرپور، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، مٺي، ٿرپارڪر، ننگرپارڪر، ٺٽو، نوابشاھ، بدين سوڌو سڄي سنڌ ۾ سنڌ واسي ايڪتا جو ڏھاڙو ملھائي رھيا آھن

ٽنڊو باگو ۾ صبح سوير ڪبوتر اڏاري ايڪتا جي سِج جي آجيان، ڪنڌڪوٽ ۾ ڪشمور روڊ کان نڪتل شاندار ريلي طرفان مختلف علائقن جو گشت، ٽوپي ۽ اجرڪ پهريل ڪنڌڪوٽ واسي قومي گيتن جي جهونگار تي جهومي اُٿيا

مٽياري ۾ جي ايم چوڪ کان نڪتل ريلي ۾ ٻارن سوڌو وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت، ٽوپي ۽ اجرڪ پهريل ماڻهن طرفان شهر جي مختلف علائقن جو گشت ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔