ڪراچي : جناح سندھ ميڊيڪل يونيورسٽيءَ پاران پروفيسر ڊاڪٽر نگهت شاهه جي ريٽائرمنٽ ۽ پنهنجي عهدي تي باقي رهڻ جا ٻه حيران ڪندڙ الڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.يونيورسٽي انتظاميا پاران اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ڌيءَ پروفيسر ڊاڪٽر نګهت شاهه کي ريٽائرمنٽ جي فوري بعد 3 سالن لاءِ ڪنٽريڪٽ تي پروفيسر آف گائناڪالاجي جي عهدي تي خدمات جاري رکڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.يونيورسٽيءَ پاران هڪ ئي وقت ريٽائرمنٽ ۽ ان بعد 3 سالن لاءِ تعينات وارا ٻئي الڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ واري عمل تي سياسي ۽ تعليمي حلقن ۾ نوٽيس ورتو پيو وڃي.
تبصرے بند ہیں۔