اسلام آباد : نيپرا پاران پاور ورڪس ڪمپنين جي ٽي ماهي ائڊجسٽمينٽ تحت واپرائيندڙن تي 34 ارب روپين جو اضافي بوجھ منتقل ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب سه ماهي ائڊجسٽمينٽ مد ۾ ايندڙ 3 مهينن تائين مسلسل في يونٽ بجلي 1 روپيو 34 پئسا في يونٽ وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي.نيپرا پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سمورن انگن اکرن جي مڪمل تفشيش ۽ جانچ پڙتال بعد حتمي فيصلو جاري ڪيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔