اسلام آباد: وفاقي حڪومت طرفان وڌندڙ قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ ڪڻڪ جا ذخيره برقرار رکڻ لاءِ 10 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گهرائڻ جي فيصلي جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پنجاب ۽ سنڌ درآمد ڪيل ڪڻڪ خريد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب وفاقي حڪومت مشڪل صورتحال ۾ ڦاسي وئي آهي.
سرڪاري ذريعن موجب ڪڻڪ جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ ٻنهي صوبن درآمد ڪيل ڪڻڪ جي خريداري جي حوالي سان پنهنجو موقف تبديل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته گڏيل ٽه آفريقي معاهدي تي به اڃان تائين پنهنجي راءِ وفاق کي ناهي ڏني. حڪومت کي هاڻ اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته درآمدي ڪڻڪ جو بار وفاقي وسيلن کان کنيو وڃي يا درآمد جو منصوبو ترڪ ڪيو وڃي. جنهن سان مستقبل ۾ ڪڻڪ جي کوٽ ۽ قيمتن ۾ ُڌيڪ اضافي جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو.
وفاقي ڪابينه جي ميمبر موجب صوبن کي آخري ڀيرو چيو ويو ته اهي ڪڻڪ جون پنهنجون ضرورتون واضح ڪن ۽ لکت ۾ ٻڌائين ته انهن کي درآمدي ڪڻڪ گهرجي يا نه؟ وفاقي حڪومت وٽ موجود ذخيرا صوبن جون سموريون ضرورتون پورا ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهن انهي لاءِ ڪڻڪ جي درآمد ضروري آهي.
تبصرے بند ہیں۔