اسان معاشري ۾ ٽائيم بم لڳائي ڇڏيا آهن، ناڪارا نه ڪيو ته ڦاٽي پوندا:فواد چوڌري

ڪراچي: سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آھي تھ اسان معاشري ۾ ٽائيم بم لڳائي ڇڏيا آهن، اِهڙن بمن کي ناڪارا نه ڪيو ته اُهي ڦاٽي پوندا، وفاقي وزير فواد چوڌري سيالڪوٽ ۾ انسانيت سوز واقعي تي ٽوئيٽ بيان جاري ڪيو آھي

فواد چوڌري چيو ته وقت واريءَ جيان هٿن مان نڪري رهيو آهي، اُن تي تمام گهڻو ڌيان ڏيڻ گهرجي ضرورت آهي، سيالڪوٽ جهڙا واقعا 48 ڪلاڪن تڪليف ڏيندا آهن، پوءِ سڀ ڪجهه نارمل ٿي ويندو آهي، اهو بيحسي جي هڪ وڏي طوفان جو تسلسل آهي، جنهن اسان جي اڳيان ڪيترن ملڪن ۾ رت جا درياهه وهائي ڇڏيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔