ڪراچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، 2 فرار

ڪراچي: پوليس جي مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، 2 فرار ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته مڪينڪ جي دڪان تي فائرنگ ڪري 3 جوابدار فرار ٿي رهيا هئا ته سر سيد يونيورسٽي روڊ تي جوابدارن ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي

پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو ۽ ٻه فرار ٿي ويا، موٽر سائيڪل سوار ٽن جوابدارن مڪينڪ جي دڪان تي فائرنگ ڪئي هئي

پوليس موجب هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ شاهزيب ۽ مامون طور ٿي آهي جن کي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔