ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مني لانڊرنگ ۽ ٽيڪس چوري ۾ سزا

ڪراچي: فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ڪاميابي حاصل ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مني لانڊرنگ ۽ ٽيڪس چوري جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته جوابدار کي جي ملڪيت به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

ايف بي آر موجب ڊائريڪٽوريٽ جنرل آءِ اينڊ آءِ آر کي مالڪ راءِ ٽريڊنگ ڪمپني باجوڙ خيبرپختونخواهه حبيب الله بابت مالي معلومات جي حوالي سان خبر پئي جنهن سان پتو پيو ته جوابدار جي ڪيش ۽ بئنڪ ٽرانزيڪشن سندس ڪاروباري پروفائل سان مطابقت نٿي رکي

ڊائريڪٽوريٽ ٽيڪس قانون تحت شروعاتي جاچ ڪئي جنهن دوران جوابدارن جا وڌيڪ 6 بئنڪ اڪائونٽس جي خبر پئي، جنهن ذريعي وڏي ٽرانزيڪشن ڪئي وئي هئي، جوابدار جي سمورن بئنڪ اڪائونٽن جي ڪل رقم 2090 ملين رپيا هئي جڏهن ته هن 2015 ۾ صرف هڪ لک 92 هزار 877 روپيا ٽيڪس ادا ڪيا هئا، جوابدار آمدني ۽ بئنڪ اڪائونٽس لڪايو ۽ ٽيڪس اختيارين کي غلط معلومات فراهم ڪئي

تفصيلي جاچ کانپوءِ مني لانڊرنگ جو انڪشاف ٿيو، جنهن بعد اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ 2010 تحت ڪارروائي شروع ڪئي وئي ۽ عدالت جي اجازت کانپوءِ اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ 2010 جي سيڪشن 8 تحت بئنڪ اڪائونٽس ضبط ڪيا ويا
ايڪٽ جي سيڪشن 9 تحت جاچ مڪمل ٿيڻ بعد انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 جي سيڪشن 203 تحت مني لانڊرنگ ۽ ٽيڪس چوري جو حتمي چالان داخل ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔