ڪراچي: صوبائي ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) سنڌ 31 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين برساتن ۽ ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب موسميات کاتي سنڌ ۾ کنوڻ سان تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي جنهن جي تحت، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.
انهي کان علاوه ٺٽو، ڄامشورو، مٽياري، ٽنڊومحمدخان، ٽنڊوالهيار، شهيد بينظير آباد ۾ برسات جو الرٽ به جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي ضلعن ۾ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان آهي.
تبصرے بند ہیں۔