هٿياربند فوج تي بي بنياد الزام، نورين نيازي خلاف پيڪا ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل

اسلام آباد: (اڱارو: 28 جولاءِ 2026ع) پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جي ڀيڻ نورين نيازي جي خلاف پيڪا ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

نورين نيازي جي خلاف ڪيس پيڪا ايڪٽ جي سيڪشن 20 ۽ 26 اي جي تحت داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته نورين نيازي پاڪستان ۽ هٿياربند فوج تي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳايا، رياست تي عوام جو ڀروسو ختم ڪرڻ ۽ حراسميٽ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

ايف آءِ آر جي متن موجب نورين نيازي ڪوڙو، چڙ ڏياريندڙ، توهين جوڳو ۽ ڌمڪي ڏيندڙ بيان پکيڙيو، نورين نيازي رياستي ۽ سيڪيورٽي ادارن جي خلاف منظم پروپيگنڊا ڪيو.

ياد رهي ته نيشنل سائبر ڪرائم انٽيليجنس اٿارٽي(اين سي سي آءِ اي) رياست ۽ هٿياربند فوج جي خلاف تڪراري بيان ڏيڻ تي نورين نيازي کي طلب ڪيو هو. جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو هو ته نورين نيازي جو بيان پارٽي پاليسي جو حصو نه آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔