آزاد جمون، ڪشمير ۾ چونڊ عمل جو پهريون مرحلو آزادانه ۽ شفاف طريقي سان مڪمل ٿيو: چيف اليڪشن ڪمشنر

ميرپور: آزاد جمون، ڪشمير جي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس(ر) غلام مصطفيٰ مغل چيو آهي ته آزاد جمون، ڪشمير ۾ چونڊ عمل جو پهريون مرحلو آزادانه ۽ شفاف طريقي سان مڪمل ٿيو.

جسٽس(ر) غلام مصطفيٰ مغل جو چوڻ هو ته سمورين سياسي پارٽين چونڊ  عمل ۾ ڀرپور طريقي سان حصو ورتو ۽ پولنگ به پرامن ماحول ۾ منعقد ٿي ماڻهن وڏي تعداد ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته سمهاني ۾ پولنگ ۾ رنڊڪ وجهندڙن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، چونڊن جي دوران امن امان برقرار رکڻ جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪردار مثالي رهيو.

ياد رهي ته آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ مسلم ليگ(ن) هينئر تائين غير حتمي ،غير سرڪاري نتيجن ۾ برتري حاصل ڪري ورتي آهي جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو ٻيو نمبر آهي. ميرپور ڊويزن جي 13 تڪن جي مڪمل غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب 9 تڪن تي مسلم ليگ(ن) ۽ 4 تڪن تي پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔