مٽياري: سنڌ حڪومت عظيم صوفي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
سنڌ حڪومت موجب اربع، 29 جولاءِ 2026ع، 14 صفر 1448 هجري تي سڄي سنڌ ۾ عام موڪل هوندي. هي موڪل سنڌ حڪومت جي ماتحت سمورن سرڪاري آفيسن، ادارن، خودمختيار ۽ نيم خودمختيار ادارن، ڪارپوريشنن ۽ بلدياتي ادارن تي لاڳو هوندي.
سنڌ حڪومت واضح ڪيو آهي ته ضروري خدمتون معمول مطابق جاري رهنديون. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه جي عرس مبارڪ جي سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پاران سڄي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ سمورن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي انهي موڪل تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بنائين.
عرس مبارڪ دوران زائرين جي وڏي تعداد جي آمد کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميه ۽ سنڌ پوليس طرفان ڀٽ شاهه ۽ انهي جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا پيا وڃن. عقيدتمندن جي سهولتن لاءِ ٽريفڪ پلان، طبي ڪيمپس ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بنائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
تبصرے بند ہیں۔