لاهور: قلعه ستار شاهه جي ڀرسان تيز برسات ۽ ٻوڏ وهڪرن سبب ريلوي پل کي نقصان پهچڻ سبب لاهور کان فيصل آباد، ريلوي سيڪشن تي ٽرين آپريشن عارضي طور تي معطل ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستان ريلوي ڪيترين ئي ٽرينن جا روٽس تبديل ۽ ڪجهه ٽرينون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن.
ريلوي اختيارين موجب قلعه شيخوپوره ۽ مسن جي وچ ۾ تيز برسات ۽ ٻوڏ صورتحال سب ريلوي انفرااسٽرڪچر متاثر ٿيو جنهن کان پوءِ حفاظتي قدمن جي تحت لاهور ۽ فيصل آباد سيڪشن تي ٽرينن جي اچ وڃ عارضي طور تي روڪي وئي.
ڊويزنل ٽرانسپورٽ آفيسر، ريلوي لاهور ڊويزن موجب 41 اپ/42 ڊائون قراقرم ايڪسپريس ۽ 27 اپ/28 ڊائون شاليمار ايڪسپريس کي فيصل آباد جي بجاءِ لاهور کان سڌو سنئون رائيونڊ، ساهيوال ۽ خانيوال پنهنجي منزل طرف روانو ڪيو ويندو. قراقرم 42 ڊائون جي مسافرن کي فيصل آباد کان اڄ ملت ايڪسپريس 18 ڊائون ۾ اڪاموڊيٽ ڪيو ويندو.
لاهور ۽ سرگودها جي وچ ۾ هلندڙ ميانوالي ايڪسپريس کي اڄ سڌو سنئون وزيرآباد، لالا موسيٰ هلايو ويندو. ٻئي طرف 111 اپ/112 ڊائون بدر ايڪسپريس ۽ 113 اپ/114 ڊائون غوري ايڪسپريس کي عارضي طور تي ملتوي ڪيو ويو آهي.
ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثر پل ۽ ريلوي ٽريڪ جي بحالي لاءِ مرمتي ڪم جاري آهي. انفرا اسٽرڪچر جي بحالي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٽرين آپريشن معمول موجب بحال ڪيو ويندو. جڏهن ته مسافرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سفر کان اڳ پنهنجي لاڳاپيل ٽرين جي تازي ترين صورتحال ضرور معلوم ڪريو. پاڪستان ريلوي چيو آهي ته صورتحال تي مسلسل نظر رکي پئي وڃي وڌيڪ اڳڀرائي کان عوام کي وقت تي آگاهه ڪيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔