پيٽرليم شين جي قيمتن ۾ اڄ وڏي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد:  عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمتن ۾ واضح گهٽتائي سبب ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اڄ وڏي لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ اڄ ٻارڻ واري تيل جي قيمتن ۾ پنج سيڪڙو تائين گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، اوگرا عالمي مارڪيٽ جي حوالي سان نيون قيمتون اڄ مقرر ڪندو.

ياد رهي ته گذريل هڪ هفتي جي دوران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ رڪارڊ 60 روپين تائين اضافو ٿيو جنهن ۾ پيٽرول 24 ۽ ڊيزل 60 روپين کان وڌيڪ مهانگو ڪيو ويو.

حڪومت طرفان قيمتن ۾ اضافي جو سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جي تيل جون وڌندڙ قيمتون ۽ درآمدي لاڳت ۾ اضافي کي قرار ڏنو ويو هو.

آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ روزاني جي بنياد تي هيٺ مٿانهين جي نظام تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته انهي سان ڪاروباري منصوبه بندي، اسٽاڪ مينجمينٽ ۽ سپلائي چين متاثر ٿي سگهي ٿي، انهي لاءِ قيمتون طئي ڪرڻ جي طريقيڪار تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت جي ضرورت آهي.

pinterest sharing button
email sharing button
sharethis sharing button

تبصرے بند ہیں۔