اسلام آباد: ايران پاڪستان کي آگاهه ڪيو آهي ته هو آمريڪا سان ڳالهين جي بحالي لاءِ تيار آهي، پاڪستان ۽ قطر جي ٽياڪڙي ۾ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرائڻ جي سفارتي ڪوششن ۾ هڪ اهم اڳڀرائي سامهون اچي رهي آهي جنهن موجب آمريڪا ۽ ايران ڳالهين جي بحالي لاءِ پيش ڪيل نئين تجويزن تي پنهنجا جواب پاڪستان ۽ قطر جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن اهڙين تجويزن جو مقصد وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ڌرين جي وچ ۾ معطل ٿيل ڳالهين جو رستو بحال ڪرڻ آهي.
عرب خابرو اداري جي هڪ خصوصي رپورٽ موجب آمريڪا ۽ ايران پاڪستان ۽ قطر طرفان پيش ڪيل تجويزن تي پنهنجي پنهنجي موقف کان ٽياڪڙي ڪندڙ ملڪن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
مذڪوره رپورٽ ۾ ڪيل دعويٰ موجب ايران پاڪستان کي يقين ڏياريو آهي ته هو اسلام آباد ميمورنڊم جي روشني ۾ آمريڪا سان جنيوا دوحا يا اسلام آباد ۾ ڳالهيون جاري رکڻ لاءِ تيار آهي.
ياد رهي ته ايران ڳالهين ۾ پهريان آبنائي هرمز انهي کان پوءِ پنهنجا منجمد اثاثا ۽ آخر ۾ پنهنجي ايٽمي پروگرام تي ڳالهين جو خواهشمند آهي پر هو آبنائي هرمز ۾ ڪنهن به نئين بحري راهداري جي قيام کي رد ڪري ٿو.
العربيه جي رپورٽ کي نظر ۾ رکندي اها اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن مسلسل ٻئي رات به آمريڪا طرفان ايران تي حملا ناهن ڪيا ويا ۽ نه ئي ايران طرفان خطي ۾ موجود آمريڪي حدفن کي نشانو بنايو ويو آهي. ايراني فوج جي ترجمان محمد اڪرم نياني تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا گذريل ٻن راتين جي دوران ايران تي حملا ناهن ڪيا، هن چيو ته اسان جي حڪمت عملي بنيادي طور تي جوابي رد عمل تي ٻڌل آهي انهي لاءِ اسان به پنهنجون فوجي ڪارروايون روڪي ڇڏيون آهن.
تبصرے بند ہیں۔