ڪم تان واپس اچي روئندو هئس: عامر خان

ممبئي : بالي ووڊ جي سپر اسٽار عامر خان پنهنجي فلمي ڪيئرئر جي شروعاتي ۽ ڏکئي دور کي ياد ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ وقت اهو به آيو جڏهن مان ڪم تان گهر واپس اچي روئندو هئس ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي ڪم مان مطمئن نه هئس. برطانيه ۾ بي ايف آئي (BFI) لنڊن فلم فيسٽيول ۾ ڳالهائيندي عامر خان ٻڌايو ته 1988ع ۾ فلم “قيامت سي قيامت تڪ” جي زبردست ڪاميابي کانپوءِ مون کي راتو رات شهرت ته ملي وئي، پر مان انهن فلم سازن سان ڪم نه ڪري سگهيس جن سان مان واقعي ڪم ڪرڻ چاهيندو هئس. هن چيو ته شروعاتي ڪاميابي کانپوءِ منهنجيون ڪيتريون ئي فلمون باڪس آفيس تي ناڪام ٿيون، جنهن کانپوءِ مون کي “ون فلم ونڊر” (صرف هڪ فلم جو هيرو) جو لقب ڏنو ويو. عامر خان موجب ان دور ۾ بالي ووڊ ۾ اداڪار هڪ ئي وقت ڪيتريون ئي فلمون سائن ڪندا هئا، ان ئي روايت تحت مون به 8 کان 10 فلمون سائن ڪيون، جن ۾ گهڻيون ئي نون هدايتڪارن (ڊائريڪٽرن) جون هيون. هن چيو ته ان تجربي مون کي فلمن جي چونڊ جو هڪ اهم سبق سيکاريو. عامر خان ٻڌايو ته مون تمام جلد اهو سيکي ورتو ته فلم اصل ۾ هدايتڪار جي اظهار جو ذريعو هوندي آهي، جيستائين توهان کي هدايتڪار تي مڪمل اعتماد نه هجي ۽ توهان جي سوچ ان سان نه ملندي هجي، توهان هڪ پاسي هلندا آهيو پر نتيجو ڪنهن ٻئي پاسي نڪرندو آهي. هن چيو ته ان ئي ڪري بعد ۾ مون فلم سائن ڪرڻ لاءِ 3 اصول بڻائي ورتا: مضبوط اسڪرپٽ، هدايتڪار تي مڪمل اعتماد ۽ اهڙو پروڊيوسر جيڪو تخليقي سوچ جي حمايت ڪري. عامر خان ٻڌايو ته مسلسل ناڪامين کانپوءِ مون کي ون فلم ونڊر چيو وڃڻ لڳو، مان ڪم تان واپس اچي روئندو هئس ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي ڪيل ڪم مان خوش نه هئس، مان فلمن ۾ ان مقصد لاءِ نه آيو هئس. بعد ۾ 1990ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم “دل” عامر خان جي ڪيئرئر کي نئين زندگي ڏني، جنهن کانپوءِ “دل هي ڪه مانتا نهين” ۽ “جو جيتا وهي سڪندر” جهڙين ڪامياب فلمن کيس بالي ووڊ جي پهرين صف جي اداڪارن ۾ شامل ڪري ڇڏيو.

تبصرے بند ہیں۔