سيالڪوٽ واقعي جي جاچ جي نتيجن جو انتظار آھي: سري لنڪن پرڏيھي وزارت

ڪراچي: سيالڪوٽ ۾ سري لنڪن شھري جي قتل واقعي تي سري لنڪا جي پرڏيھي وزارت جي ترجمان سگيس واراگوناراتني جي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آھي تھ واقعي بابت پاڪستاني عملدارن سان گڏ تفصيلن جو جائزو وٺي رھيا آھيون، توقع آھي پاڪستاني عملدار جاچ ۽ انصاف کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کڻندا

ترجمان جو چوڻ ھو تھ توقع آھي تھ پاڪستاني عملدار جاچ ۽ انصاف يقيني بڻائڻ لاءِ ڪارروايون ڪندا، اسان سيالڪوٽ واقعي جي جاچ جي نتيجن جي انتظار ۾ آھيون، ذميوارن خلاف وزيراعظم پاڪستان جي ڪارروائي جي خاطري جي آجيان ڪيون ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔