سيالڪوٽ واقعي جي شروعاتي رپورٽ وزير اعظم حوالي ڪئي وئي

اسلام آباد: سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن فيڪٽري مئنيجر جي قتل ۽ لاش ساڙڻ واري واقعي جي جاچ رپورٽ وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب پنجاب حڪومت سريلنڪن مئنيجر جي قتل جي شروعاتي رپورٽ وزيراعظم عمران خان کي ڏئي ڇڏي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ موجب اهم جوابدارن سميت 112 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اشتعال ڏياريندڙن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ فيڪٽري مينيجر جي مدد سان ڪئي وئي، گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي

ان حوالي سان پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت چيو آهي ته ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وئي آهي.راجا بشارت چيو ته سيالڪوٽ ۽ ان جي چوڌاري گرجا گهرن ۽ پرڏيهي فيڪٽرين جي ڪارڪنن جي سيڪيورٽي پڻ سخت ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔