مڙس جي اثر و رسوخ سخت خوفزده ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي: ايشا ريکي

ممبئي : نامياري ڀارتي ريپر، گلوڪار، گيت نگار ۽ ميوزڪ پروڊيوسر آديتيا پراتيڪ سنگھ سيسوڊيا عرف ”بادشاهه“ جي گهر واري ۽ مشهور اداڪاره ايشا ريکي پنهنجي شادي شده زندگي بابت سوشل ميڊيا تي هڪ ڌماڪيدار پوسٽ شيئر ڪندي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي. اداڪاره جو چوڻ آهي ته سندس مڙس جي وڏي سماجي اثر و رسوخ، طاقت ۽ وسيلن کيس سخت هراس ۽ خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو.تفصيل موجب، گذريل ڪجهه ڏينهن کان مداحن پاران هنن ٻنهي جي لاڳاپن ۾ ڪشيدگي جا اندازا لڳايا پئي ويا، پر پير جي شام ايشا ريکي پاران جاري ڪيل انسٽاگرام پوسٽ ان ڳالهه تي پڪي مهر هڻي ڇڏي آهي ته ٻنهي جي ازدواجي زندگي سخت بحران جو شڪار آهي. ايشا ريکهي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته، ”ڪجهه جنگيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي جسم تي ڪو به ظاهري زخم ناهن ڇڏينديون. مان هڪ ڊگهي عرصي تائين رڳو ان ڪري خاموش رهيس ڇاڪاڻ ته مان اندر کان سخت ڊنل هئس. مان پنهنجي مڙس جي طاقت، وسيلن ۽ اثر و رسوخ اڳيان پاڻ کي بلڪل لاچار ۽ دٻيل محسوس ڪندي هئس، ۽ مونکي ائين لڳندو هو ته خاموش رهڻ ئي منهنجي لاءِ سڀ کان محفوظ رستو آهي.“ ميڊيا رپورٽن موجب، اداڪاره ايشا ريکهي پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ واضح ڪيو آهي ته سندس ماضيءَ واري خاموشي ڪڏهن به حالتن سان رضامندي نه هئي، پر اها رڳو ان ماحول ۾ زنده رهڻ ۽ پنهنجي بقا جو هڪ ذريعو هئي. هن چيو ته، ”اڄ مون خوف جي مقابلي ۾ همت کي چونڊيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته مان هن وقت پنهنجي پوري ڪهاڻي دنيا جي سامهون رکڻ لاءِ تيار نه هجان، پر هاڻي مان اهو ڏيکاءُ ڪرڻ لاءِ به تيار ناهيان ته اسان جي وچ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ هلي رهيو آهي.“جيتوڻيڪ اداڪاره پنهنجي پوسٽ ۾ هن اوچتي بيان جي اصل وجھ تفصيل سان ناهي ٻڌائي، پر هيءَ پوسٽ ان واقعي جي ڪجهه ڏينهن پوءِ سامهون آئي آهي جڏهن ايشا بادشاهه سان گڏ گذاريل يادگار لمحن جي هڪ جذباتي وڊيو شيئر ڪئي هئي. ان وڊيو جي ڪيپشن ۾ هن لکيو هو ته، ”هر طوفان هڪ سبق هوندو آهي، هر دعا هڪ اميد هوندي آهي“ ۽ ان سان گڏ هڪ ٽوٽل دل (Broken Heart) جو ايموجي پڻ لڳايو هو. ان پوسٽ کانپوءِ ئي سوشل ميڊيا تي ٻنهي جي علحدگي ۽ گهرو جهيڙن بابت مختلف افواهن ۽ قیاس آرائين جو هڪ وڏو طوفان اڀري آيو آهي، جڏهن ته گلوڪار بادشاهه پاران اڃا تائين هن معاملي تي ڪو به ردعمل سامهون ناهي آيو.

تبصرے بند ہیں۔