ميرپور/ مظفرآباد: آزاد جمون و ڪشمير قانون ساز اسمبلي جي چونڊن جي پهرين مرحلي تحت ميرپور ڊويزن جي 13 حلقن تي پير واري ڏينهن ٿيل پولنگ جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو تيزي سان جاري آهي. هينئر تائين سامهون آيل 10 تڪن جي مڪمل نتيجن موجب، پاڪستان مسلم ليگ (ن) 7 سيٽن تي شاندار ڪاميابي حاصل ڪري پهرين پوزيشن ماڻي ورتي آهي، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي 3 سيٽون کٽي ٻئي نمبر تي آهي. ميرپور ڊويزن جي 13 تڪن مان نون ليگ ايل اي 1، ايل اي 4، ايل اي 7، ايل اي 9، ايل اي 11، ايل اي 12 ۽ ايل اي 13 تان ڪاميابي ماڻي آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي ايل اي 2، ايل اي 3 ۽ ايل اي 8 تان سرسري حاصل ڪئي آهي.
10 تڪن جا مڪمل تفصيلي نتيجا هيٺين ريت آهن
• ايل اي 1 ميرپور 1: نون ليگ جو اظهر صادق 15 هزار 427 ووٽ کڻي ڪامياب، پي پي جو محمد افسر شاهد 9 هزار 832 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
• ايل اي 2 ميرپور 2: پي پي جي قاسم مجيد 12 هزار 904 ووٽ کڻي ميدان ماري ورتو، نون ليگ جو عظيم بخش چوڌري 8 هزار 182 ووٽن سان شڪست کائي ويو.
• ايل اي 3 ميرپور 3: پي پي جو چوڌري ياسر سلطان 11 هزار 676 ووٽ کڻي ڪامياب قرار، نون ليگ جو چوڌري محمد سعيد 9 هزار 832 ووٽ حاصل ڪري سگهيو.
• ايل اي 4 ميرپور 4: نون ليگ جو چوڌري رخسار احمد 20 هزار 172 ووٽ کڻي کٽي ويو، پي پي جو چوڌري صهيب ارشد 13 هزار 865 ووٽن سان پٺيان رهيو.
• ايل اي 7 ڀمبھر 3: نون ليگ جو چوڌري طارق فاروق 35 هزار 490 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي، جڏهن ته آزاد اميدوار چوڌري انوار الحق 25 هزار 100 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو.
• ايل اي 9 ڪوٽلي 2: نون ليگ جو عمير نعيم 31 هزار 80 ووٽ کڻي وڏي مارجن سان ڪامياب، پي پي جو جاويد اقبال بڍانوي 28 هزار 509 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
• ايل اي 11 ڪوٽلي 4: نون ليگ جو محمد آصف 26 هزار 190 ووٽ کڻي سرسري حاصل ڪئي، پي پي جو چوڌري محمد اخلاق 21 هزار 751 ووٽ کڻي سگهيو.
• ايل اي 12 ڪوٽلي 5: نون ليگ جو محمد رياست خان 35 هزار 168 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، پي پي جي مرڪزي اڳواڻ چوڌري محمد ياسين 30 هزار 320 ووٽ کنيا ۽ شڪست کاڌي.
• ايل اي 13 ڪوٽلي 6: نون ليگ جو راجا اياز احمد خان 21 هزار 856 ووٽ کڻي ويو، جڏهن ته استحڪامِ پاڪستان پارٽي جو نثار انصار ابدالي 15 هزار 859 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
• ايل اي 8 ڪوٽلي 1: پي پي جو ظفر اقبال ملڪ 19 هزار 535 ووٽ کڻي وڏي اڪثريت سان ڪامياب، نون ليگ جو ملک محمد نواز خان 11 هزار 966 ووٽ کڻي سگهيو.
باقي رهيل 3 تڪن تي ووٽن جي ڳڻپ تيزي سان جاري، نون ليگ جا 2 ۽ پي پي جو 1 اميدوار اڳتي
• ڀمبھر جي ٻنهي تڪن تي وقار احمد نور ۽ چوڌري محمد رزاق جي برتري قائم
• ڪوٽلي 3 مان پيپلزپارٽي جو چوڌري محمد ياسين مخالف اميدوار کان واضع ليڊ تي
ڪوٽلي/ ڀمبھر : ميرپور ڊويزن جي باقي رهيل 3 تڪن تي اڃا تائين ووٽن جي گڻپ جو عمل هلي رهيو آهي، جتي شروعاتي نتيجا هيٺين ريت آهن:
• ايل اي 5 ڀمبھر 1: 176 مان 115 پولنگ اسٽيشنز جي نتيجي موجب، نون ليگ جو وقار احمد نور 21573 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته پي پي جو چوڌري پرويز اشرف 18406 ووٽن سان سندس پيڇو ڪري رهيو آهي.
• ايل اي 6 ڀمبھر 2: 195 مان 100 پولنگ اسٽيشنز جي نتيجي تحت نون ليگ جو چوڌري محمد رزاق 21210 ووٽ کڻي اڳتي آهي، آءِ پي پي جو علي شان چوڌري 11354 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
• ايل اي 10 ڪوٽلي 3: 169 مان رڳو 36 پولنگ اسٽيشنز جي نتيجي موجب، پي پي جو چوڌري محمد ياسين 6999 ووٽ کڻي واضع ليڊ تي آهي، جڏهن ته نون ليگ جو فتح محمود الحسن 3560 ووٽن سان ٻئي نمبر تي موجود آهي. علائقن ۾ حامين پاران جشن جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن.
تبصرے بند ہیں۔