ڪراچي: ڪارگو جهاز حادثي کان پوءِ پاڪ بحريه ۽ پاڪستان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي طرفان اورماڙه جي ڀرسان ڳولا ۽ بچاءُ جو آپريشن جاري آهي.
سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ۾ پاڪستان نيوي جي بحري جهازن کان علاوه سي ڪنگ، ڊيفينڊر هوائي جهاز ۽ نيول اي ٽي آر به حصو وٺي رهيا آهن. جڏهن ته پاڪ بحريه جا غوطه خور مختلف هنڌن تي سمنڊ اندر سرگرميون جاري رکندا پيا اچن.
ذريعن موجب ڳولا جو دائرو امڪاني هنڌ جي چوڌاري وڌيڪ 15 کان 20 ناٽيڪل ميل تائين وڌايو ويو آهي پر جهاز ۾ سوار ڪاڪ پٽ عملي جي پنج ميمبرن جو اڃان تائين سراغ نه ملي سگهيو آهي. مواصلاتي رابطن جي ذريعي سمنڊ ۾ موجود ماهيگير لانچن ۽ ٻين بحري جهازن سان به شاهدين جي حوالي سان رابطو برقرار رکيو پيو وڃي.
ذريعن موجب پاڪ بحريه انتهائي مشڪل حالتن جي باوجود وقت تي سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ڪاميابي سان جاري رکيو آهي. خراب موسم شديد لهرن ۽ رات جي اونداهي باوجود پاڪ بحريه پيشوارانه مهارت جو مظاهرو ڪيو. حادثي جو هنڌ تقريبن 3 هزار ميٽر لڳ ڀڳ 10 هزار فٽ گهري سمنڊ ۾ واقع آهي، جنهن سبب ريڪوري جو مرحلو انتهائي ڏکيو رهيو. جڏهن ته گهري سمنڊ ۾ سرچ آپريشن جديد ٽيڪنالاجي ۽ خصوصي مهارت جي گهرج ڪري ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملبو ملڻ جو هنڌ جهاز جي حتمي موجودگي جي نشاندهي نٿو ڪري ڇو ته سامونڊي لهرون هوائون ۽ ڪرنٽس ملبي کي اصل هنڌ کان پري کڻي وڃن سگهن ٿيون جهاز جي صحيح هنڌ جي تعين لاءِ وڌيڪ جامع سرچ آپريشن جي ضرورت آهي.
گهري سمنڊ جي گهرائي ۾ ڳولا دنيا جي ڏکين ترين آپريشن ۾ شمار ٿيندي آهي جنهن جي مثال ايم ايڇ 370 جي ڳولا آهي جتي سالن جي عالمي ڪوششن جي باوجود جهاز جو ملبو اڃان تائين مڪمل طور تي برآمد نه ٿي سگهيو آهي ذريعن موجب پاڪ بحريه جي وقت تي موثر ڪارروائي هڪ دفعو ٻيهر پيشوارانه صلاحيتن جو ثبوت ڏنو.
تبصرے بند ہیں۔