گهرو وزير جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات، علاقائي ۽ عالمي امن تي خيالن جي ڏي وٺ

نيويارڪ:  گهرو وزير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ علاقائي ۽ عالمي امن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

رپورٽ موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ علاقائي صورتحال ۽ مختلف عالمي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات جي دوران مغربي ايشيا ۾ جاري تڪرارن جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي وارين ڪوششن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. جڏهن ته گڏيل قومن جي امن جي قيام واري مشن، خاص طور تي ان ۾ پاڪستان جي لازوال خدمتن تي به خيالن جي ڏي  وٺ ڪئي وئي.

انهي موقعي تي محسن نقوي چيو ته چيلنجز جي باوجود پاڪستان علاقائي امن، استحڪام کي هٿي ۽ انساني حياتين جي تحفظ لاءِ ذميواري جو مظاهرو ڪيو. جڏهن ته فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم شهباز شريف انهي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪيو. هن انهي ڳالهه تي به زور ڏنو ته امن مشنز جي ڪاميابي لاءِ حقيقت پسندانه مينڊيٽ ۽ گهربل وسيلن جي فراهمي ضروري آهي.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس عالمي امن ۽ سلامتي جي قيام لاءِ پاڪستان جي مسلسل خدمتن ۽ گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ انهي جي ڊگهي مدي واري تعاون جي تعريف ڪندي پاڪستان جي ڪوششن تي ٿورو ادا ڪيو.

 

تبصرے بند ہیں۔