فيلڊ مارشل عاصم منير جو عباس عراقچي سان ٽيليفونڪ رابطو، خطي جي بحران جو سفارتي حل ڪڍڻ تي ڳالهيون

راولپنڊي:  ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ خطي جي موجوده صورتحال ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ سياسي، سفارتي رستا ڳولڻ وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ايراني ميڊيا موجب گذريل ڏينهن ٿيندڙ انهن ڳالهين ۾ ٻنهي اڳواڻن هلندڙ سفارتي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ مختلف سفارتي قدمن بابت پنهنجي موقف تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ٽيليفونڪ رابطي جي دوران علاقائي صورتحال جي مختلف رخن تي ڳالهيون ٿيون جڏهن ته موجوده حالتن جي امڪاني اثرن ۽ انهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل مشاورت جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

رپورٽ موجب عباس عراقچي ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير ٻطرفن رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ موثر بنائڻ جي امڪانن تي به ڳالهيون ڪيون.

ٻنهي اڳواڻن طرفان سياسي ۽ سفارتي ذريعن سان مسئلي جي حل لاءِ جاري ڪوششن کي اڳيان وڌائڻ  ۽ گڏيل مشاورت جي عمل کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي به اتفاق راءِ جو اظهار ڪيو ويو.

 

تبصرے بند ہیں۔