انگلينڊ ۽ پاڪستان جي پهرين ٽيسٽ ۾ انوکو واقعو: بال کي وچ مان ڪٽي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو

لنڊن:  انگلينڊ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جاري ليڊز ٽيسٽ ۾ انوکو واقعو پيش آيو جتي بال کي وچ مان ڪٽي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو.

ليڊز ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ پاڪستان کي 171 رنسن تي آئوٽ ڪرڻ کان پوءِ انگلينڊ جي ٽيم بال جا 2 ٽڪڙا ڪري ڇڏيا. ٽيسٽ ميچ جي اننگز کان پوءِ بال کي ٻن ٽڪڙن ۾ ورهائڻ جي انوکي مثال قائم ڪئي وئي.

اصل ۾ پاڪستان جي خلاف پهرين اننگز ۾ انگلينڊ جي فاسٽ بالر اولي رابنسن ۽ جوش ٽنگ بهترين بالنگ ڪندي 5-5 وڪيتون حاصل ڪيون. هڪ اننگز ۾ ٻن بالرن طرفان 5-5 وڪيٽون وٺڻ گهٽ ڏسڻ لاءِ ملندو آهي.

عام طور تي هڪ اننگز ۾ 5 يا انهي کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر ئي ميچ جي بال کي يادگار جي طور تي پنهنجو پاڻ وٽ رکندو آهي. پر پاڪستان جي اننگز کان پوءِ جوش ٽنگ اولي رابنسن کي بال جي 2 ٽڪڙا ڪرڻ جو هڪ  منفرد آئيڊيا ڏنو.

اولي رابنسن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي اننگز کان پوءِ گرائونڊ کان ٻاهر ويندي جوش ٽنگ چيو ته اسان کي بال اڌ اڌ ورهائڻ گهرجي، مون چيو ته واقعي ائين ڪرڻ گهرجي، منهنجي خيال ۾ اهو ڪافي زبردست هوندو.

ڊريسنگ روم وڃي جوش ٽنگ گرائونڊ اسٽاف کان پڇيو ته ڇا بال کي وچ مان ڪٽي اڌو اڌ ڪري سگهجي ٿو؟ اولي رابنسن موجب ٿوري دير کان پوءِ حيران ڪن طور تي گرائونڊ اسٽاف بال کي ٻن حصن ۾ ڪري کڻي آيو، ڪرڪيٽ ۾ اڌ بال جهڙي شيءَ روز روز ناهي ملندي، انهي لاءِ اها يادگار آهي جنهن کي اسان ٻئي ڪڏهن به نه وسارينداسين.

ياد رهي ته ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ جي پهرين اننگز ۾ پاڪستان جي بيٽنگ لائين انگلينڊ جي خلاف ناڪام ٿي وئي، سموري ٽيم 48.1 اوور ۾ 171 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. جواب ۾ ڏينهن جي اختتام تائين انگلينڊ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 112 رنسون ٺاهي ورتيون.

 

تبصرے بند ہیں۔