اسلام آباد: حڪومت ۽ پيپلز پارٽي اپوزيشن پارٽين سان ڌار ڌار رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. حڪومت ۽ پيپلز پارٽي اپوزيشن اتحاد ۾ شامل پارٽين سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي پنهنجي چيمبر ۾ گهرائي ورتو آهي.
اسپيڪر سان ملاقات کان اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته اجلاس ۾ عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت عدالتي فيصلي تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل اسد عمر چيو ته الله ڪري اهو سياسي عمل ڪنهن بهتري واري قدم ڏانهن اڳتي ٿئي، هن وقت معاملو صحت جو آهي انهي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن وفد سان گڏ اپوزيشن اتحاد جي سربراهه محمود خان اچڪزئي ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ راجا ناصر عباس سميت ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪئي.
پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا موجب پيپلز پارٽي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي اپوزيشن سان رابطا بحال ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. اپوزيشن اتحاد جي پڌرائي موجب بلاول ڀٽو پارلياماني ڪميٽين ۾ واپسي جي درخواست ڪئي جنهن تي انهي کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ باني سان مشاورت کان پوءِ انهي حوالي سان فيصلو ڪيو ويندو. پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو ته پارلياماني پارٽين جي وچ ۾ رابطا معمول جو حصو آهن.
تبصرے بند ہیں۔