مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي گيس بائوزر ۽ ڪار ۾ ٽڪر، ڪار ۾ سوار 6 ڄڻا سڙي فوت

مڪران:  مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي سرپٽ  واري هنڌ تي گيس بائوزر ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 6 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.

حادثو زون ون ۽ ماره جي علائقي بي ٽو سرپٽ ۾ پيش آيو، فوت ٿي ويل ماڻهن ۾ 2 مرد، 2 عورتون ۽ 2 ٻار شامل آهن. ايس پي ڪوسٽل هاءِ وي پوليس اسلم بنگلزئي موجب ڪار تربيت طرف جڏهن ته بائوزر ڪراچي طرف وڃي رهيو هو ته ٻنهي ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار سمورا 6 ڄڻا ٿڏي تي سڙي فوت ٿي ويا.

پوليس موجب فوت ٿي ويل ماڻهن ۾ ڪار جي ڊرائيور جي سڃاڻپ اسلم جي نالي سان ٿي آهي اطلاع ملندي ئي ڪوسٽل هاءِ وي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ حادثي جي جڳهه کي محفوظ بنائڻ سان گڏ ٽريفڪ جي روانگي به بحال رکي.

 

تبصرے بند ہیں۔