اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجه آصف عمران خان کي علاج جي لاءِ نجي اسپتال منتقل ڪرڻ جي عدالتي قدم تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي خواجه آصف چيو ته اهڙي طرح جي عمل سان ٻين قيدين جي لاءِ به نجي اسپتالن ۾ علاج جا دروازا کلي ويندا، اها هڪ وڏي غلطي هوندي.
هن زور ڏنو ته انصاف جون گهرجون سڀني جي لاءِ برابر هجڻ گهرجن، ڪنهن هڪ ماڻهو کي سهولت نه ملڻ گهرجي. هن ماضي جو حوالو ڏيندي چيو ته نوازشريف سميت مسلم ليگ(ن) جي قيادت هميشه سرڪاري اسپتالن مان ئي علاج ڪرايو آهي.
هن انڪشاف ڪيو ته نوازشريف جي آپريشن دوران پي ٽي آءِ جي هڪ حامي ڊاڪٽر کي موبائل تان وڊيو ٺاهيندي سڳ سوڌو پڪڙيو ويو هو. خواجه آصف واضح ڪيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ حڪومت جو موقف شامل ڪرڻ جي قانوني گنجائش ٿئي ته حڪومت انهي کي هر صورت ۾ رجسٽرڊ ڪرائيندي.
هن پي ٽي آءِ حڪومت واري دور ۾ سخت روين جو ذڪر ڪندي چيو ته انهي وقت اپوزيشن اڳواڻن سان جيڪو رويو ۽ ٻولي استعمال ڪئي وئي هئي اهو رڪارڊ تي ۽ سڀني جي سامهون آهي.
تبصرے بند ہیں۔